عرض محمد خان لغاري نواب

عرض محمد خان لغاري، نواب: صوفي شاهه عنايت شهيد جي سلسلي جو نامور شاعر نواب عرض محمد خان ولد نواب محمد خان لغاري 26 سيپٽمبر 1892ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم پنج درجا اسڪول ۾ پڙهيو، پوءِ کيس پنهنجي والد گهر ۾ پڙهايو، پنهنجي تجربي ۽ مطالعي مان گهڻو پرايائين، پاڻ بهترين شاعر هو. اڍائي سو کن سنڌي ڪلام، ڪافيون ۽ ڪجهه بيت چيا اٿس. سندس شاعري ۾ فني پختگي سان گڏ ڪلاسيڪل رچاءُ ۽ صوفياڻو انداز چٽو آهي. پاڻ درگاهن تي ڳائيندو به هو. عرض محمد لغاريءَ 1969ع ۾ وفات ڪئي. صوفي راڳي نواب انور احمد خان لغاري چنڊ جي هر مهيني جي 17 تاريخ تي جهوڪ شريف ۾ اچي عرض محمد لغاريءَ جون ڪافيون ڏاڍي سٺي نموني سان ڳائيندو آهي. هن صوفي شاعر جو ذڪر نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ پنهنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ۾ 553 صفحي تي ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته، “نواب عرض محمد خان لغاريءَ جي شاعريءَ ۾ فني پختگيءَ سان گڏ ڪلاسيڪل رچاءُ ۽ صوفيانه انداز به چٽو آهي.” سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
منهنجي لئه جيڏيون ڙي،
پنهل آيو مون گهر پيهي پيهي الا،
ڪيئون ڪرم پاڻ جيڏيون ڙي،
آئون ته هيس اڳهين جيهي تيهي الا…


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.09.26  عيسوي

صوفي شاهه عنايت شهيد جي سلسلي جو نامور شاعر نواب عرض محمد خان ولد نواب محمد خان لغاري 26 سيپٽمبر 1892ع تي ڄائو.عرض محمد لغاريءَ 1969ع ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله راهي لکوي ميان
سونو خان ملاح:
صوفي محمد بخش ڦرڙو
پنائي مبين
عبدالله شرر
خانڻ چنجڻي
پارس رياض ملاح
اشرف پلي
ڀوپالي محسن
اسحاق آهنگر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون